جمعيت العلماءِ اسلام

جمعيت العلماءِ اسلام: جميعت العلماءِ اسلام، جمعيت العلماءِ هند مان ڌار ٿيل جماعت آهي، پر پاڪستان جي قيام کانپوءِ هن جماعت مولانا شبير احمد عثمانيءَ جي اڳواڻيءَ هيٺ پاڪستان لاءِ نئين پاليسي وضع ڪئي، 1952ع ۾ هن جماعت سان ڪجهه عالمن ڌار ٿي ‘جمعيت العلماءِ اسلام، پاڪستان’ جو قيام عمل ۾ آندو، مولانا احمد علي لاهوري ان جو پهريون امير ۽ مولانا احتشام الحق ثانوي جمعيت جو پهريون ناظم مقرر ٿيو. جڏهن ته جمعيت العلماءِ اسلام پنهنجو ناتو شيخ الهند، مولانا محمود الحسين جي علمي، ديني، اصلاحي ۽ سياسي تحريڪ سان جوڙيندي آئي. پاڪستان ۾ ان به جو 1951ع ۾ سيد سليمان ندويءَ جي صدارت ۾ هڪ اجتماع ٿيو هو، جنهن ۾ ملڪ جي اسلامي نظام لاءِ 22 نڪتا منظور ڪيا ويا. 1969ع ۾ مولانا مفتي محمود جميعت العلماءِ اسلام جي عبوري ناظم جي حيثيت سان راولپنڊيءَ ۾ ٿيل گول ميز ڪانفرنس ۾ اهي نُڪتا پيش ڪيا. 1962ع جي بنيادي جمهوريت تائين هن جماعت جون سرگرميون گهڻو ڪري مذهبي ۽ ديني حلقن تائين محدود هيون. ايوب خان جي قومي اسيمبليءَ ۾ مفتي محمود جي چونڊجي اچڻ کان پوءِ هن جماعت ۾ هڪ نئون روح ڦوڪجي ويو. جڏهن ايوب خان کي آئين ۾ ترميم ضرورت پئي ته هو مفتي محمود جي مدد حاصل ڪرڻ لاءِ مجبور ٿيو. مفتي محمود 1970ع جي چونڊن ۾ پنهنجي تڪ مان ذوالفقار علي ڀٽي کي شڪست ڏني. انهن چونڊن کان پوءِ جميعت سرحد ۽ بلوچستان ۾ نيشنل عوامي پارٽيءَ سان ملي گڏيل حڪومت قائم ڪئي، مفتي محمود کي سرحد جو وزيراعليٰ بڻايو ويو. جڏهن ملڪ تي جنرل ضياءَ جي حڪومت قائم ٿي ته ان جي شروعاتي ڏينهن ۾ جميعت العلماءِ اسلام ان حڪومت ۾ شريڪ هئي. بعد ۾ جميعت حڪومت کان علحدگي اختيار ڪئي ۽ ٻين سياسي پارٽين سان گڏجي جمهوريت جي بحالي لاءِ هلندڙ سرگرمين ۾ حصو ورتو. 1980ع ۾ جمعيت ٻين جدوجهد ڪندڙ سڀني پارٽين پاران جمهوريت جي بحالي لاءِ جوڙيل تحريڪ (ايم. آر. ڊي) ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ مفتي محمود ان جو روح روان رهيو. 1980ع ۾ مفتي محمود جي وفات کان پوءِ سندس فرزند مولانا فضل الرحمان جميعت جي ناظم جي حيثيت سان جمعيت جو ڪار وهنوار سنڀاليو. 2002ع ۾ جنرل مشرف جي دور ۾ ٿيندڙ عام چونڊن ۾ ملڪ جي تقريباً سمورين پارٽين طرفان ’متحده مجلس عمل‘ جي نالي سان جوڙيل پليٽ فارم ۾ جميعت شامل ٿي، ان پليٽ فارم تان اليڪشن ۾ ڪاميابي به حاصل ڪئي، خيبرپختونخوا ۾ سندن حڪومت قائم ٿي، جڏهن ته جميعت جا ميمبر بلوچستان ۽ وفاق ۾ ’ق‘ ليگ حڪومت جا اتحادي بڻيا. بينظير جي شهادت کان پوءِ جڏهن ملڪ جي سياسي وايومنڊل ۾ غيرمعمولي تبديلي آئي ته 2008ع جي چونڊن بعد قائم ٿيل مخلوط حڪومت ۾ جميعت علماءِ اسلام جو ”فضل الرحمان گروپ“ به شامل ٿيو. پر نومبر 2010ع ۾ حج اسڪيم ۾ مبينا بيقاعدگين جي الزامن هيٺ ٻين لاڳاپيل علمدارن سان گڏ تڏهوڪي مذهبي مامرن جي وزير حامد سعيد ڪاظميءَ کي وزيراعظم يوسف رضا گيلانيءَ پاران وزارت تان هٽايو ويو، ۽ گڏوگڏ عدالت ۾ ان معاملي تي شاهديون ڏيڻ تي ٻئي وفاقي وزير، اعظم سواتيءَ کي به برطرف ڪيو ويو، جيڪو جميعت العلماءِ اسلام سان تعلق رکندڙ هو. اهڙي رد عمل ۾ مولانا فضل الرحمٰن حڪومت کان ڌار ٿي، اپوزيشن سيٽن تي ويهڻ جو اعلان ڪيو. جنهن بعد سياسي جوڙ توڙ جاري رهي .


لفظ جمعيت العلماءِ اسلامھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو